جسٽس اشتياق ابراهيم پشاور هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس مقرر

spot_img
صدر آصف علي زرداريءَ پشاور هائيڪورٽ جي سينيئر ترين جج اشتياق ابراهيم کي پشاور هائيڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس مقرر ڪيو آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جسٽس اشتياق ابراهيم کي وقتي چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. جسٽس اشتياق ابراهيم موجوده چيف جسٽس ابراهيم خان جي جاءِ وٺندو، جيڪو پنهنجو مدو مڪمل ٿيڻ تي هلندڙ هفتي ئي رٽائرڊ ٿي رهيو آهي. ان کانسواءِ صدر سنڌ هائيڪورٽ جي ڇهن ايڊيشنل ججن کي هائيڪورٽ جو مستقل جج مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهن ججن ۾ جسٽس امجس علي ڀيو، جسٽس ثناءَ اڪرم منهاس، جسٽس جواد اڪبر سروانا، جسٽس خادم حسين سومرو، جسٽس محمد عبدالرحمان ۽ جسٽس ارباب علي شامل آهن. جنهن ڏينهن اهي جج قسم کڻندا، ان ئي ڏينهن کان سندن مدو شروع ٿيندو.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.5 ° C
9.5 °
9.5 °
26%
2m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
16 °

تازه ترين خبرون