تازه ترين

قبو سعيد خان ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان فلسطين تي اسرائيلي بمباري خلاف احتجاج

قبو سعيد خان ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان فلسطين تي اسرائيلي بمباري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪامريڊ عيسيٰ مگسي، عبدالوحيد کوسو، محمد يعقوب بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مک بس اسٽينڊ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فلسطينن مٿان اسرائيلي بمباري شرمناڪ، انسان ۽ امن دشمن عمل آهي.

هنن چيو ته فلسطين مٿان بمباري سبب معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت بيگناهه فلسطيني شهيد ٿي رهيا آهن.

سندن چوڻ هو ته فلسطين معاملي تي عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جي خاموشي حيران ڪندڙ آهي.

احتجاج ڪندڙن عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته فلسطين ۾ جاري انساني حقن جي سنگين لتاڙ جو نوٽيس وٺي اسرائيلي بمباري بند ڪرائي فلسطينين کي امداد فراهم ڪئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون