تازه ترين

قبو سعيد خان ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان فلسطين تي اسرائيلي بمباري خلاف احتجاج

- Advertisement -
قبو سعيد خان ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان فلسطين تي اسرائيلي بمباري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪامريڊ عيسيٰ مگسي، عبدالوحيد کوسو، محمد يعقوب بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مک بس اسٽينڊ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فلسطينن مٿان اسرائيلي بمباري شرمناڪ، انسان ۽ امن دشمن عمل آهي. هنن چيو ته فلسطين مٿان بمباري سبب معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت بيگناهه فلسطيني شهيد ٿي رهيا آهن. سندن چوڻ هو ته فلسطين معاملي تي عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جي خاموشي حيران ڪندڙ آهي. احتجاج ڪندڙن عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته فلسطين ۾ جاري انساني حقن جي سنگين لتاڙ جو نوٽيس وٺي اسرائيلي بمباري بند ڪرائي فلسطينين کي امداد فراهم ڪئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
29 %
1.1kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون