قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آءِ سي سي ورلڊڪپ جي اسٽار نيشن جرسي جو نماءُ ڪيو ويو آهي.
قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ پي سي بي مينيجمينٽ ڪميٽيءَ جي چيئرمين ذڪا اشرف شرڪت ڪئي، جنهن ۾ اسٽار نيشن جرسيءَ جو نماءُ ڪيو ويو.
ورلڊڪپ جي اها اسٽار نيشن جرسي پاڪستان ڪرڪيٽ جي هيروز ۽ پر جوش سپورٽرن وچ ۾ تعلق کي ظاهر ڪري ٿي، ان جرسيءَ جو هر جو اسٽار ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ڪارنامن، چمڪ ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي خواهش کي ظاهر ڪري ٿو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي پي سي بي مينيجمينٽ ڪميٽيءَ جي چيئرمين ذڪا اشرف چيو ته اسٽار نيشن جرسي سان ڪرڪيٽرن ۽ مداحن وچ ۾ هر ميچ ۾ مضبوط تعلق سان ڳنڍيل رهندا.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر ڪمرشل عثمان وحيد چيو ته اها اسٽار نيشن جرسي رڳو هڪ يونيفارم ناهي، پر ان تي ڪاميابيون، قربانيون ۽ ڪهاڻيون نمايان آهن