- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير سمورين دهشتگرد قوتن جي ڳٺجوڙ کي شڪست ڏيڻ جو عزم ورجائيندي چيو آهي ته قوم جي عظيم قربانين عيوض حاصل ٿيل امن هر حال ۾ برقرار رکيو ويندو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويوته آرمي چيف جنرل عاصم منير اورڪزئي ضلعي جو دورو ڪري تيراهه واديءَ ۾ دهشتگردي خلاف آپريشنن ۾ حصو وٺندڙ جوانن سان ملاقات ڪئي.
آرمي چيف کي سڪيورٽي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ ضم ٿيل ضلعن جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب آرمي چيف کي هلندڙ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي دهشتگردن خلاف ڪاررواين ۽ استحڪام لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي.
جنرل عاصم منير آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪري سندن بلند حوصلي ۽ خطرن جي دفاع لاءِ تيارين جي واکاڻ ڪئي.
آرمي چيف سمورين دهشتگرد قوتن جي ڳٺجوڙ کي مڪمل شڪست ڏيڻ جو عزم ورجايو.
سندس چوڻ هو ته قوم جي عظيم قربانين عيوض حاصل ٿيل امن هر حال ۾ برقرار رکيو ويندو.
آرمي چيف چيو ته شهيدن جون قربانيون سندن عزم ۽ قربانيءَ واري جذبي کي هٿي ڏين ٿيون.
جنرل عاصم منير خيبرپختونخوا پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪوششن جي به واکاڻ ڪئي.
آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڀرپور مدد جاري رهندي.
جنرل عاصم منير قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سگهه ۾ اضافي جي ضرورت تي زرو ڀريو.
آرمي چيف سڪيورٽي فورسز جي مدد تي مقامي آباديءَ جي ڪردار جي به واکاڻ ڪئي.
ان کان اڳ اورڪزئي آمد تي ڪور ڪمانڊر پشاور آرمي چيف جي آجيان ڪئي ۽ پاڪ فوج جي سپهه سالار شهيد جي يادگار تي حاضري ڀري گل نڇاور ڪيا ۽ فاتحه پڙهي.- Advertisement -
