تازه ترين
سنڌ سرڪار پاران سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾نئين جديدطريقي سان اصلاحات آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آئيني ترميم واري معاملي تي اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي افغان پناهگيرن کي گند کڻڻ جي اجازت ڏيڻ جو عمل غير قانوني آهي:سعيد غني آئيني ترميمون دليري سان پيش ڪندا، مخالف ڌر کي گهٻرائڻو ناهي:اعظم نذير تارڙ ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۾ ميزبان چين سنسني خير مقابلي بعد پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل ل... آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي تجويز ميثاق جمهوريت ۾ موجود آهي:خواجه آصف سياسي رابطن ۽ جوڙ ٽوڙ باوجود آئيني ترميمون اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جي مسلم ليگ نون جي سينيٽر ع... سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز کاتي اهم قدم کڻندي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي ڪر... هي ڪهڙي قسم جون ترميمون آهن، جيڪي ڪابينا، وزيرن، اتحادين ۽ مخالف ڌر کان به لڪايون پيون وڃن:حافظ حمد ... ننگرپارڪر ۾ سنڌ سرڪار طرفان ڪارونجهر جبل جي امڪاني نيلامي خلاف ڌرتي ڌڻي هڪ ڀيرو ٻيهر روڊن تي نڪري آي...

قوم جي محبت ڏسي کيس خوشيءَ ۾ ننڊ نه اچي رهي آهي: قومي هيرو ارشد نديم

پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ قومي هيرو ارشد نديم چيو آهي ته قوم جي محبت ڏسي کيس خوشيءَ ۾ ننڊ نه اچي رهي آهي، گوڏي جي سرجري کانپوءِ ٻه ڀيرا زخمي ٿيڻ باوجود ڪوچ ۽ فزيو حوصلو ڏنو، هو ۽ نيرج چوپڙا تمام گهڻا سٺا دوست آهن پر ميدان ۾ هر ڪو پنهنجي ملڪ لاءِ ڪوشش ڪندو آهي.

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ارشد نديم چيو ته ٽوڪيو اولمپڪس بعد پيرس اولمپڪس لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي هئي، 2016ع ۾ پهريون انٽرنيشنل ايونٽ کيڏيو، 8 آگسٽ تي محنت جو ثمر مليو.

سندس چوڻ هو ته سندس ڪوچ سلمان بٽ تمام گهڻو ساٿ ڏنو، هن کيس همت هارڻ نه ڏني، فيلڊنگ تمام سٺي هئي، ٽريننگ دوران سخت محنت ڪئي ۽ قوم جون ايتريون دعائون هيون، جنهن سبب اميد هئي ته هو هن ڀيري گولڊ ميڊل کٽڻ ۾ ڪامياب ٿيندو.

پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ قومي هيرو ارشد نديم چيو ته 2022ع ۾ ڪامن ويلٿ مقابلن ۾ 90 ميٽر جو رڪارڊ ٽوڙيو هو، سندس ڪوشش هوندي آهي ته بهتر کان بهتر پرفارم ڪريان، پهرين ٿرو ۾ رنراپ خراب ٿيو ۽ ٻيهر ٿرو ۾ محنت ڪئي ۽ الله جي ڪرم سان رڪارڊ ٿرو ڪيو.

هن چيو ته جڏهن ٻيو ٿرو  92 ڏهائي 97 ميٽر ڪيو ته ان وقت 90 سيڪڙو يقين ٿي ويو هو گولڊ ميڊل سندس ٿيندو، پر مقابلي ۾ ورلڊ چيمپئن شريڪ هو ان لاءِ آخر تائين محنت جاري رکي ۽ محنت جو ڦل مليو.

پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ قومي هيرو ارشد نديم چيو ته قوم جي محبت ڏسي کيس خوشيءَ ۾ ننڊ نه اچي رهي آهي، گوڏي جي سرجري کانپوءِ ٻه ڀيرا زخمي ٿيڻ باوجود ڪوچ ۽ فزيو حوصلو ڏنو، هو ۽ نيرج چوپڙا تمام گهڻا سٺا دوست آهن پر ميدان ۾ هر ڪو پنهنجي ملڪ لاءِ ڪوشش ڪندو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
117,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
58 %
3.2kmh
0 %
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون