تازه ترين

خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ زيادتيءَ کانپوءِ قتل ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو  ڪيس جي ٻڌڻي

- Advertisement -
خيرپور جي عدالت راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ زيادتيءَ کانپوءِ قتل ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو  ڪيس ۾ شاهدن جا بيان ٻڌڻ کانپوءِ ڪيس ۾ دهشتگرديءَ جا قلم ختم ڪري سيشن ڪورٽ منتقل ڪري ڇڏيو، نينگريءَ جي امڙ طرفان پوليس جي گاڏي اڳيان ليٽي پاڻ مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سندس چوڻ آهي ته ڪيس ۾ دٻاءُ ختم ٿيڻ کانپوءِ پير کين قتل ڪرائي ڇڏيندا، بهتر آهي ته آپگهات ڪري ڇڏين، عدالت سندن بيان ئي قلمبند نه ڪيا آهن، شاهدن جي بيان تي ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل ڪيو ويو آهي. خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ زيادتيءَ کانپوءِ قتل ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو  ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران نينگري جي امڙ شبنم ڦرڙو سميت ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت شاهدن جا بيان ٻڌڻ کانپوءِ ڪيس ۾ دهشتگرديءَ جا قلم ختم ڪري سيشن ڪورٽ منتقل ڪري ڇڏيو. عدالت وڌيڪ ڪيس جي ٻڌڻي 21 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالتي فيصلي بعد نينگريءَ جي امڙ شبنم ڦرڙو طرفان پوليس جي گاڏي اڳيان ليٽي پاڻ مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. شبنم ڦرڙو جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ دٻاءُ ختم ٿيڻ کانپوءِ پير کين قتل ڪرائي ڇڏيندا، بهتر آهي ته آپگهات ڪري ڇڏين، عدالت سندن بيان ئي قلمبند نه ڪيا آهن، شاهدن جي بيان تي ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل ڪيو ويو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
46 %
2.3kmh
0 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون