تازه ترين

لاهور ۾ طوفاني برسات سبب نظام مفلوج ٿي ويو

لاهور ۾ طوفاني برسات سبب نظام مفلوج ٿي ويو، روڊ رستا ندي نالن جو ڏيک ڏيڻ لڳا، جنهن جي ڪار وهنوار ٺپ ٿي ويو.

پنجاب جي گاديءَ واري شهر لاهور ۾ ست ڪلاڪ تيز برسات پئي، جنهن ڪري مختلف علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو.

موسميات کاتي موجب شهر ۾ ساڍن ستن ڪلاڪن ۾ 315 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، شهر جي هڪ درزن کان وڌيڪ علائقن ۾ هڪ سئو ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

رپورٽ موجب سڀ کان وڌيڪ برسات تاجپوره ۾ 315 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي، لڪشمي چوڪ تي 170، مغل پورا ۾ 145 ۽ گلش راوي تي 151 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

موسميات کاتي موجب چوڪ ناخدا تي 155، اقبال ٽائون ۾ 152، قربطه چوڪ تي 152، سمن آباد 153، ايئرپورٽ تي 86، اپرمال تي 130، گلبرگ  تي 41، نشتر ٽائون تي 162، جيل روڊ تي 69 ۽ فرخ آباد ۾ 140 ملي ميٽر برسات پئي آهي.

انتظاميا موجب لاهور جي علائقي ڊيوس روڊ، چائنا چوڪ، ڪينال روڊ، ڳڙهي شاهو، علامه اقبال روڊ، ۽ ٻين علائقن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
scattered clouds
21.4 ° C
21.4 °
21.4 °
74 %
4.7kmh
47 %
آچر
25 °
سُومر
23 °
اڱارو
24 °
اربع
22 °
خميس
24 °

تازه ترين خبرون