تازه ترين

لاڙڪاڻو: اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي خلاف داخل ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي 3ڊسمبر تائين ملتوي

- Advertisement -
اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي ڏوڪري ۽ باڊهه ٿاڻن ۾ داخل ڪيسن جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ پيش ٿيو، 27هين ترميم سبب عدالت جو ڪم معطل هئڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي 3 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي. ان حوالي سان وڪيل مجاهد علي جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اين پي پي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي ڏوڪري ۽ باڊهه ٿاڻن تي داخل ڪيسن جي سلسلي ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو. سندس چوڻ هو ته عدالت ۾ 27هين ترميم سبب وڪيلن جو عدالتي ورڪ سسپينڊ هئڻ سبب 3 ڊسمبر جي تاريخ ڏني وئي آهي، عدالتي ڪارروائي ملتوي ٿيڻ کان پوءِ غلام مرتضي2 جتوئي هاءِ ڪورٽ بار لاڙڪاڻو جي صدر اطهر عباس سولنگي طرفان سندس اعزاز ۾ رکيل چانهه پارٽي ۾ شرڪت لاءِ هاءِ ڪورٽ بار روانو ٿي ويو. هاءِ ڪورٽ بار ۾ صدر اطهر عباس سولنگي جي نگراني هيٺ رٿيل تقريب ۾ وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
22.4 ° C
22.4 °
22.4 °
63 %
8.3kmh
18 %
سُومر
23 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون