- Advertisement -
برطانوي مئگزين دي اڪنامسٽ تحريڪ انصاف باني جي گهرواري بشريٰ بي بي بابت خصوصي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي بشريٰ بي بي سان ٽئين شادي نه رڳو سندس ذاتي زندگي پر انداز حڪمراني تي به سوال اٿاريا.
سينيئر صحافي اوون بينيٽ جونز پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم جي ويجهن ساٿين موجب، بشريٰ بي بي اهم مقررين ۽ سرڪاري فيصلن تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي هئي، جنهن سبب پي ٽي آءِ باني جي فيصلا سازي جي عمل تي روحاني صلاح مشوري جو رنگ اثر انداز ٿيڻ جي شڪايت پيدا ٿي.
بشريٰ بي بي جي روحاني اثر جي نتيجي ۾ تحريڪ انصاف باني پنهنجي اعلان ڪيل سڌارن واري ايجنڊا کي لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.
ڪيترن ئي مبصرن جي حوالي سان رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته حساس اداري جا ماڻهو مبينا طور معلومات بشريٰ بي بي تائين پهچائيندا هئا، جنهن کي هوءَ مڙس اڳيان پنهنجي روحاني بصيرت سان حاصل معلومات طور پيش ڪندي هئي.
رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته تحريڪ انصاف باني اقتدار ۽ طاقت لاءِ پنهنجي مرشدياڻي بشريٰ بي بي سان شادي ڪئي، اڳوڻي خاتون اول مشورو ڏنو ته ٻنهي جي شادي ٿي وڃي ته باني وزيراعظم ٿي ويندو.
برطانوي ميگزين وڌيڪ لکيو آهي ته تحريڪ انصاف باني جي پنهنجي مرشدياڻي سان شادي سڄي ملڪ کي لوڏي ڇڏيو، سوال اهو آهي ته ڇا هاڻي اها مرشدياڻي اهو فيصلو ڪري سگهندي ته ڪيئن پي ٽي آءِ باني کي اقتدار ۾ واپس آندو وڃي يا جيل ۾ ئي رهڻو آهي؟.
رپورٽ موجب، تحريڪ انصاف باني سياست ۾ نالو ٺاهڻ چاهي پيو، اهي سياسي پارٽيون جن 90 جي ڏهاڪي ۾ ڪرڪيٽر طور کيس موٽ ڏني، باني انهن ئي سياسي پارٽين کي ڪرپٽ قرار ڏنو، پي ٽي آءِ جي نالي سان پنهنجي پارٽي جو بنياد رکيو ۽ دعويٰ ڪئي ته هو سياست کي ڪرپشن کان پاڪ ڪري ڇڏيندو.
برطانوي مئگزين پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته 2014ع ۾ تحريڪ انصاف باني ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف خلاف احتجاج ڪيو، عوام کي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ته نواز شريف ڌانڌلي ذريعي وزيراعظ۾ ٿيو آهي.- Advertisement -
