تازه ترين

لنڊن ۾ پاڪستانين جي مظاهرن جو 4 ورهين ۾ ڇا فائدو ٿيو: نواز شريف

اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته اڄ آفيس ۾ سندس آخري ڏينهن آهي، پوءِ هو وطن لاءِ روانو ٿي ويندو.

لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته هـُو سندس حق ۾ ۽ خلاف لکڻ وارن سمورن صحافين جو ٿورائتو آهي.

هن چيو ته معاشري ۾ صحافت جو اهم ڪردار آهي، عوام صحافين جي راءِ کي اهميت ڏيندو آهي، صحافين افواهن، چغلي ۽ بهتان بازي کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ تنقيد براءِ اصلاح هئڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته اڄ آفيس ۾ آخري ڏينهن ۽ پوءِ هو ڏيهه روانو ٿي ويندو.

اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مريم اورنگزيب سميت ٻين عورتن جو لنڊن ۾ گهيراءُ ڪيو ويو، هتي پاڪستانين جي مظاهرن جو چئن سالن دوران ڪهڙو فائدو ٿيو آهي؟ مظاهرا ڪرڻا آهن ته پاڪستان وڃي ڪريو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
10.6 ° C
10.6 °
10.6 °
17 %
1.7kmh
40 %
آچر
16 °
سُومر
15 °
اڱارو
15 °
اربع
15 °
خميس
14 °

تازه ترين خبرون