تازه ترين

ماضيءَ جيان گوڙ ڪيو پيو وڃي پر هو ايندڙ مهيني آءِ ايم ايف جي منظوري لاءِ پراميد آهن:محمد اورنگزيب

- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ماضيءَ جيان گوڙ ڪيو پيو وڃي پر هو ايندڙ مهيني آءِ ايم ايف جي منظوري لاءِ پراميد آهن. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير  چيو ته ڪمرشل بئنڪن مان فنڊن جي فراهمي لاءِ هاڪاري ڳالهه ٻولهه ٿي، عالمي ايجنسين طرفان ريٽنگ بهتر ٿيڻ سان ڪمرشل بئنڪن جو رد عمل هاڪاري آهي. هن چيو ته گذريل هفتي سعودي ناڻي واري وزير سان به ڳالهه ٻولهه هاڪاري رهي، چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب رياستن جو رد عمل به هاڪاري آهي، دوست ملڪ پنهنجي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽرز ذريعي آءِ ايم ايف کي اعتماد ۾ وٺندا. محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف پروگرام جا 37 مهينين ۾ 3 ارب ڊالر ٻاهرين فناننسگ گهربل آهي، هلندڙ پاڪستان کي 2 ارب ڊالر کپندا. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ايس بي ايَ وقت به گوڙ ڪيو ويو ته آءِ ايم ايف منظوري نه ڏيندي ۽ هاڻي به ائين ئي گوڙ ڪيو پيو وڃي ته اسٽاف سطح جي معاهدي جي منظوري نه ٿيندي. محمد اورنگزيب چيو ته اميد آهي ته سيپمٽبر ۾ آءِ ايم ايف  بورڊ منظوري ڏيندو، حڪومت واپارين کان ٽيڪس وٺڻ لاءِ پرعزم آهي، اها ٽيڪس وٺي سهولتون به فراهم ڪيون وينديون، ان معاملي تي سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ ورتو آهي ۽ ورتو پيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
9 %
2.9kmh
100 %
اڱارو
28 °
اربع
37 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون