- Advertisement -
ملڪ ۾ آچر کان طاقتور چوماسي هوائن جو نئون سلسلو داخل ٿيندو، جنهن سبب تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب 26 کان 29 آگسٽ دوران ملڪ جي ڏاکڻن علائقن ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي، بنگال مان هوائن جو سلسلو پاڪستان جي ڏاکڻن علائقن ۾ داخل ٿيندو.
موسميات کاتي موجب 25 کان 29 آگسٽ دوران ڪراچي، ٺٽي، بدين، سجاول، عمرڪوٽ، مٺي، ميرپورخاص، سکر، سانگهڙ ۽ سنڌ جي ٻين هنڌن تي معمول کان تيز برساتن جو امڪان آهي.
بلوچستان ۾ 26 کان 30 آگسٽ دوران قلات، لسٻيلي، بارکان، جعفرآباد، زوب، ڪوئيٽا، زيارت ۽ ٻين علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي، ان دوران تيز برسات به ٿي سهگي ٿي.
موسميات کاتي موجب 25 آگسٽ 28 آگسٽ دوران مري، پنجاب، مٿانهين پنجاب، گليات، اسلام آباد، لاهور، سيالڪوٽ، گجرات، گجرانوالا سميت ڏکڻ پنجاب جي ٻين علائقن ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
26 کان 28 آگسٽ دوران ڪي پي جي هزارا ڊويزن، مردان، پشاور، هنگو ۽ ٻين علائقن ۾ کنوڻ سان برساتن جو امڪان آهي، سنڌ ۽ بلوچستان جا هيٺاها علائقا به پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي.
موسميات کاتي موجب تيز برساتن سبب بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ندين ۾ چاڙهه جو خطرو آهي، اسلام آباد، پنڊي، وچ پنجاب جي هيٺاهن علائقن کي به خطرو آهي.
ان کانسواءِ ايندڙ 3 ڏينهن ڪراچيءَ ۾ موسم گرم رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، ان دوران وڌ کان وڌ گرمي پد 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.- Advertisement -
