مبارڪ ثاني ڪيس ۾ وفاق جي درخواست منظور, اعتراض واريون پيراگراف خارج

spot_img
سپريم ڪورٽ مبارڪ ثاني ڪيس ۾ وفاق جي درخواست منظور ڪندي اڳوڻن فيصلن مان اعتراض واريون پيراگراف خارج ڪري ڇڏيون، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا آهن ته غلطي ٿي وڃي ته ان کي سڌارڻ گهرجي، غلطيءَ کي انا جو مسئلو بڻائڻ ٺيڪ ناهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بئنچ مبارڪ ثاني ڪيس ۾ پنجاب حڪومت طرفان داخل نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ جو حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ طرفان حڪم نامي ۾ چيو ويو ته مبارڪ ثاني نظرثاني فيصلي ۾ خارج ڪيل پيراگراف کي عدالتي حوالي طور پيش نٿو ڪري سگهجي. حڪم نامي ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ نظرثاني فيصلي جي پيراگراف 7، 42 ۽ 49 سي کي خارج ڪري ڇڏيو آهي. عدالتي حڪم  نامي ۾  چيو ويو ته سپريم ڪورٽ ۾ وفاقي حڪومت طرفان فيصلي ۾ درستگيءَ لاءِ رابطو ڪيو ويو هو. حڪم نامي موجب عدالت اسلامي نظرياتي ڪائونسل طرفان موڪليل سفارشن جو جائزو به ورتو. عدالتي حڪم نامي  موجب ٽرائل ڪورٽ عدالتي آبزرويشن مان متاثر نه ٿئي، تفصيلي سبب بعد ۾ ڏنا ويندا. عدالت ۾  مفتي تقي عثماني، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين عالمن ٽئي پيراگراف خارج ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. مولانا فضل الرحمان عدالت ۾ راءِ ڏني هئي ته سپريم ڪورٽ پاڻ کي رڳو پاڻ کي ضمانت تائين محدود رکي. ان کان ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته کانئن ڪا غلطي ٿي وڃي ته ان کي سڌارڻ  گهرجي، پارليامينٽ جي ڳالهه اکين تي آهي، آئين جي پنجاهين سالگرهه تي هو پاڻ پارليامينٽ ۾ ويو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مولانا فضل الرحمان کي چيو ته عدالتي فيصلي ۾  ڪا غلطي يا اعتراض آهي ته کين ٻڌايو وڃي،  ٻين کي به ٻڌو ويندو. ٻڌڻي دوران مفتي تقي عثماني ترڪيءَ مان وڊيو لنڪ ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس چيو ته عدالتي فيصلي ۾ جيڪي غلطيون ۽ اعتراض آهن انهن جي نشاندهي ڪئي وڃي. مفتي تقي عثمانيءَ سپريم ڪورٽ جي فيصلا جا ٻه پيرا گراف حذف ڪرڻ جي درخواست ڪئي. سندس چوڻ هو ته پيرا گراف نمبر 7 ۽ 42 کي حذف ڪيو وڃي. مفتي تقي عثمانيءَ ڪيس مان شق ختم ڪرڻ واري حڪم ۾ به ترميم جي اپيل ڪئي، سندس چوڻ هو ته عدالت شقون لاڳو ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو معاملو ٽرائل ڪورٽ تي ڇڏي، اصلاح کليل دل سان ڪرڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته 6 فيبروري جو فيصلو نظرثاني کانپوءِ پوئتي رهجي ويو، هاڻي ڏسڻ گهرجي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، مولانا فضل الرحمان کي روسٽرم تي گهرايو. مولانا فضل الرحمان چيو ته عالم پنهنجي راءِ ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي به راءِ سامهون اچي چڪي آهي، اوهان چيو ته غلطيون ٿينديون آهن، 72 ورهين ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن عدالت آڏو  بيٺو آهي. مولانا فضل الرحمان مفتي تقي عثمانيءَ جي گذارشن جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته جيڪي به خدشا آهن اهي اوهان آڏو رکيا آهن. چيف جسٽس چيو ته نظرثاني جي درخواست هنن لڳائي آهي، اتي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته هاڻي معاملو نظرثاني جو آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هيءَ نظرثاني ناهي، جنهن مولانا فضل الرحمان چيو ته هي نظرِ ثالث آهي، مبارڪ ثانيءَ کي اوهان ضمانت جو مستحق سمجهو ٿا ته اها ڌار ڳالهه آهي، قادياننين کي غير مسلم قرار ڏيڻ واري ڪميٽيءَ جو فيصلو پارليامينٽ ويب سائٽ تي اڃا تائين اپلوڊ ناهي ڪيو. چيف جسٽس چيو ته اهو معاملو اوهان پارليامينٽ ۾ اٿاريو. مولانا فضل الرحمان چيو ته مبارڪ ثاني جو ٽرائل جاري رهڻ گهرجي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي راءِ کي نظر ۾ رکيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13%
2.5m/s
0%
خميس
18 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون