دادو ضلعي اندر 45 نياڻين جي ننڍي عمر ۽ پئسن عيوض شادين واري معاملي جو  سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن نوٽيس ورتو.

spot_img
دادو ضلعي اندر 2022 جي ٻوڏ بعد غربت ۾ واڌ سبب 45 نياڻين جي ننڍي عمر ۽ پئسن عيوض شادين واري معاملي جو  سنڌ جي هيومن رائيٽس ڪميشن  جي چيئرپرسن اقبال ڏيٿو نوٽيس ورتو. انساني حقن لاءِ جوڙيل ڪميشن جي چيئرپرسن ايس ايس پي دادو کي خط لکي  رپورٽ طلب ڪري ورتي. خط جي متن موجب دادو ۾  صورتحال جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي. هيومن رائيٽس ڪميشن  جي چيئرپرسن اقبال ڏيٿو جو چوڻ هو ته  انڪوائري بعد  تفصيلي رپورٽ جلد کان جلد پيش  ڪئي  وڃي،  ننڍي عمر ۽ پئسن عيوض شادين وارو معاملو سنگين آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته انساني حقن واري ڪميشن  ڪاميٽي جوڙي  آهي، جيڪا جلد دادو پهچندي ۽ معاملي جي اصل حقيقتن جي ڄاڻ حاصل ڪندي، ننڍي عمر  ۾ شادين کي روڪڻ  لاءِ قانون جڙيل آهي ڪوتاهي ڪندڙ ادارن خلاف به ڪارروائي ٿيندي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13%
2.5m/s
0%
خميس
18 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون