تازه ترين

مختلف شهرن ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بدامني خلاف سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

شهداد ڪوٽ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف ايس يو پي جي سڏ تي الهداد خش، سڪندر، شعيب ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاهي بازار کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو.

اڏيرو لال ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بدامن ۽ ڪرپشن خلاف سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سول سوسائٽي پاران اڪبر علي ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾ حيدرآباد-ٽنڊو آدم روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڄام صاحب ۾ به مهانگائي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي ابراهيم بگٽي، مير محمد منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته حڪمرانن جي ڪرپشن جي ڪري ۾ ملڪ ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، ماڻهن ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آهن.

مظاهرين چيو ته مهانگائي وڌڻ سبب ملڪ ۾ بدامني وڌي وئي آهي، ڪو به شهري محفوظ ناهي رهيو.

هنن  مطالبو ڪيو ته  مهانگائي تي ضابطو آڻي امن بحال ڪرايو وڃِي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
32 %
3.6kmh
47 %
آچر
26 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون