- Advertisement -
مسلم ليگ ن آزاد ڪشمير حڪومت کان عليحدگيءَ جو اعلان ڪيو آهي.
ن ليگ آزاد ڪشمير جي صدر غلام قادر جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي بي اعتمادي رٿ آڻي ٿي ته اهو سندن جمهوري حق آهي، پر ن ليگ ڪنهن نئين حڪومت جو حصو نه بڻجندي.
هن چيو ته هو ڪنهن غير فطري حڪومت جو حصو نه بڻجندا، ن ليگ مخالف ڌر ۾ ويهندا، جيڪو به پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪندو، ان خلاف ڪارروائي ٿيندي.
ن ليگ آزاد ڪشمير جي صدر چيو ته نئين حڪومت رڳو عام چونڊن سان ئي ممڪن آهي، ن ليگ آزاد ڪشمير ۾ هڪ منظم ۽ مقبول پارٽي طور اڀري آهي.
شاهه غلام قادر چيو ته هو آئيني ۽ سياسي بحران جي حل ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪندا رهندا- Advertisement -
