تازه ترين

مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف گذريل ڏينهن پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان به ملاقات

اڳوڻي صدر ۽ پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف وچ ۾ اڄ ملاقات ٿيندي، جنهن ۾ حڪومت ٺاهڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف گذريل ڏينهن پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ حڪومت ٺاهڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آصف زرداري ۽ شهباز شريف وچ ۾ ملاقات جي حوالي سان ن ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو ته ملاقات ۾ ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو، صرف مختلف معاملن تي ضرور غور ڪيو ويو.

هن چيو ته آصف زرداري ضرور پارٽي سان صلاح مشورا ڪندو، ملڪ اهڙي صورتحال ۾ آهي اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

ٻئي طرف نواز شريف جي دعوت تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جو وفد به لاهور پهچي ويو آهي، وفد ۾ سنڌ جو گورنر خالد مقبول صديقي، مصطفيٰ ڪمال ۽ فاروق ستار شامل آهن.

رپورٽن مطابق ن ليگ وفاق ۾ گڏيل حڪومت ٺاهڻ لاءِ متحده کي سهڪار ڪرڻ جي جي درخواست ڪندي…….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
116,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
46 %
4kmh
22 %
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون