تازه ترين

مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف گذريل ڏينهن پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان به ملاقات

- Advertisement -
اڳوڻي صدر ۽ پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف وچ ۾ اڄ ملاقات ٿيندي، جنهن ۾ حڪومت ٺاهڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف گذريل ڏينهن پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ حڪومت ٺاهڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آصف زرداري ۽ شهباز شريف وچ ۾ ملاقات جي حوالي سان ن ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو ته ملاقات ۾ ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو، صرف مختلف معاملن تي ضرور غور ڪيو ويو. هن چيو ته آصف زرداري ضرور پارٽي سان صلاح مشورا ڪندو، ملڪ اهڙي صورتحال ۾ آهي اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ٻئي طرف نواز شريف جي دعوت تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جو وفد به لاهور پهچي ويو آهي، وفد ۾ سنڌ جو گورنر خالد مقبول صديقي، مصطفيٰ ڪمال ۽ فاروق ستار شامل آهن. رپورٽن مطابق ن ليگ وفاق ۾ گڏيل حڪومت ٺاهڻ لاءِ متحده کي سهڪار ڪرڻ جي جي درخواست ڪندي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.9 ° C
29.9 °
29.9 °
30 %
7.7kmh
23 %
آچر
29 °
سُومر
34 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون