- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاق، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ پ پ کانسواءِ حڪومت ٺاهڻ ممڪن ناهي، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ سان باضابطه طور ڪو رابطو ناهي ٿيو، نتيجا مڪمل ٿيڻ بعد رابطا ٿيندا، سي اي سي اجلاس طلب ڪري ملڪي مفاد وٽان ڪو فيصلو ڪيو ويندو.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام چاهين ٿا، پهريان مڪمل نتيجا سامهون اچي وڃن، ان کانپوءِ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس گهرائي اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويندو.
هن چيو ته مڪمل نتيجن کانپوءِ وفاق ۽ بلوچستان ۾ حڪومت بابت ڪو فيصلو ٿيندو، سياسي استحڪام کانسواءِ نئين حڪومت کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته اڃا تائين مسلم ليگ ن يا پي ٽي آءِ سان سياسي اتحاد قائم نه ٿيو آهي، سي اي سي اجلاس طلب ڪري ملڪي مفاد وٽان ڪو فيصلو ڪيو ويندو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪي مفاد ۾ سڀني کي سياسي اتفاق پيدا ڪرڻو پوندو، پ پ جي اڪيلي حڪومت قائم ٿيڻ کانسواءِ ملڪي مسئلن جو حل ممڪن ناهي.
سندس چوڻ هو ته سياسي عدم استحڪام کي حل ڪرڻ کانسواءِ ٺهندڙ حڪومت کي عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي.
پ پ چيئرممين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هنن اسپتال، اسڪول پبلڪ پارٽنرشپ تحت قائم ڪيا، هو پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تي يقين رکن ٿا.- Advertisement -
