تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي حڪومت ٺاهڻ لاءِ سياسي سهڪار تي اصولي طور اتفاق ڪري ورتو

- Advertisement -
مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي حڪومت ٺاهڻ لاءِ سياسي سهڪار تي اصولي طور اتفاق ڪري ورتو آهي. حڪومت ٺاهڻ جي سلسلي ۾ شهباز شريف وفد جي صورت ۾ آصف زرداري ۽ بلاول سان ملاقات ڪري حڪومت ٺاهڻ جي آڇ ڪئي، جنهن تي پيپلزپارٽي غور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي قيادت ۾ ن ليگ جي وفد بلاول هائوس اسلام آباد ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف زرداري سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ اعظم نذير تارڙ، اياز صادق، احسن اقبال، راڻا تنوير، خواجا سعد رفيق، ملڪ احمد خان، مريم اورنگزيب ۽ شزا فاطمه شامل هئا. ٻنهي پارٽين وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت ٺاهڻ جي سلسلي ۾ ملاقات تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ذريعن موجب شهباز شريف، آصف زرداري کي نواز شريف جو پيغام پهچايو ۽ ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ تي زور ڀريو. ملاقات ۾ اليڪشن جي بعد نمبر گيم تي مشورا ۽ گڏجي حڪومت ٺاهڻ توڙي ٻين آپشنز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ن ليگ پنهنجي آڇ پيش ڪئي، جنهن تي آصف زرداري غور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. پيپلزپارٽي جي قيادت  جو چوڻ آهي ته ن ليگ جي آڇ ۽ تجويزن کي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ رکيو ويندو. ملاقات ۾ ٻنهي پارٽين جي قائدين ۾ اتفاق ٿيو ته سياسي عدم استحڪام کي ختم ڪري ملڪ کي بچايو ويندو، عوام جي اڪثريت کين مينڊيٽ ڏنو آهي، عوام کي مايوس ناهي ڪرڻو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
51 %
1.4kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون