تازه ترين

لاهور جي قومي ۽ سيالڪوٽ جي صوبائي تڪ ڪامياب ٿيل آزاد اميدوار ن ليگ ۾ شامل ٿي ويا آهن

- Advertisement -
لاهور جي قومي ۽ سيالڪوٽ جي صوبائي تڪ ڪامياب ٿيل آزاد اميدوار ن ليگ ۾ شامل ٿي ويا آهن. سيالڪوٽ جي صوبائي تڪ پي  پي 49 تان ڪامياب ٿيل آزاد اميدوار راڻا فياض ن ليگ ۾ شامل ٿي ويو. راڻا فياض جو چوڻ هو ته هو پنهنجي تڪ جي عوام سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد ن ليگ ۾ شامل ٿيو آهي. اين اي 54 ٽيڪسلا مان ڪامياب ٿيل آزاد اميدوار بئرسٽر عقيل ملڪ ن ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اين اي 48 تان ڪامياب ٿيل آزاد اميدوار راجا خرم نواز به ن ليگ ۾ شامل ٿي ويو. اين اي 253 تان ڪامياب ٿيل آزاد اميدوار ميان خان به ن ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو . لاهور جي قومي اسيمبلي جي تڪ تان چونڊيل ۽ پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري وسيم قادر مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿي ويو. وسيم قادر ن ليگ جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز سان ملاقات ڪري نواز شريف تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وسيم قادر چيو ته هو تڪ جي عوام ۽ دوستن جي مشوري سان ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
36 %
6.7kmh
1 %
ڇنڇر
27 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون