- Advertisement -
مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي حڪومت ٺاهڻ لاءِ سياسي سهڪار تي اصولي طور اتفاق ڪري ورتو آهي.
حڪومت ٺاهڻ جي سلسلي ۾ شهباز شريف وفد جي صورت ۾ آصف زرداري ۽ بلاول سان ملاقات ڪري حڪومت ٺاهڻ جي آڇ ڪئي، جنهن تي پيپلزپارٽي غور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي قيادت ۾ ن ليگ جي وفد بلاول هائوس اسلام آباد ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف زرداري سان ملاقات ڪئي.
وفد ۾ اعظم نذير تارڙ، اياز صادق، احسن اقبال، راڻا تنوير، خواجا سعد رفيق، ملڪ احمد خان، مريم اورنگزيب ۽ شزا فاطمه شامل هئا.
ٻنهي پارٽين وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت ٺاهڻ جي سلسلي ۾ ملاقات تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
ذريعن موجب شهباز شريف، آصف زرداري کي نواز شريف جو پيغام پهچايو ۽ ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ تي زور ڀريو.
ملاقات ۾ اليڪشن جي بعد نمبر گيم تي مشورا ۽ گڏجي حڪومت ٺاهڻ توڙي ٻين آپشنز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ن ليگ پنهنجي آڇ پيش ڪئي، جنهن تي آصف زرداري غور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
پيپلزپارٽي جي قيادت جو چوڻ آهي ته ن ليگ جي آڇ ۽ تجويزن کي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ رکيو ويندو.
ملاقات ۾ ٻنهي پارٽين جي قائدين ۾ اتفاق ٿيو ته سياسي عدم استحڪام کي ختم ڪري ملڪ کي بچايو ويندو، عوام جي اڪثريت کين مينڊيٽ ڏنو آهي، عوام کي مايوس ناهي ڪرڻو.- Advertisement -
