مضبوط نيوي مضبوط سامونڊي حدن جي ضمانت آهي، پرڏيهي اڳرائي جو دفاع ڪرڻ تي هٿياربند فوج جا ٿورائتا آهن:صدر آصف علي زرداري

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مضبوط نيوي مضبوط سامونڊي حدن جي ضمانت آهي، پرڏيهي اڳرائي جو دفاع ڪرڻ تي هٿياربند فوج جا ٿورائتا آهن،  ڪنهن به اڳرائي کي روڪڻ لاءِ پاڪ فوج هر وقت تيار آهي. بچاءَ واري ڏهاڙي تي پاڪ بحريه ۾ 2 نوان جنگي سامونڊي جهاز باقاعده طور شامل ڪرڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي. صدر آصف علي زرداري تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب دوران پي اين ايس بابر ۽ پي اين ايس حنين کي پاڪ بحريه جي فليٽ ۾ شامل ڪيو ويو. پاڪ بحريه جي فليٽ ۾ شامل پي اين ايس ترڪيه ۽ پي اين ايس حنين کي رومانيه ۾ تيار ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته مضبوط نيوي مضبوط سامونڊي حدن جي ضمانت آهي، پرڏيهي اڳرائي جو دفاع ڪرڻ تي هٿياربند فوج جا ٿورائتا آهن،  ڪنهن به اڳرائي کي روڪڻ لاءِ پاڪ فوج هر وقت تيار آهي،  ٻن جنگي جهازن جي شموليت سان نيوي جي دفاعي صلاحيت وڌيڪ مضبوط ٿيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.6 ° C
8.6 °
8.6 °
29%
2.5m/s
0%
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
17 °

تازه ترين خبرون