ملتان ٽيسٽ ۾ پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي پهرين اننگز پهرين ڏينهن ئي ختم ٿي وئي ۽ پهرين ڏينهن 20 وڪيٽون ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ٿي ويو آهي.
ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بريٿ ويٽ ٽاس کٽي پهريون بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
اننگز جي شروعات ۾ اٺن رنسن جي اسڪور تي ڊيبيو ڪندڙ فاسٽ بالر ڪاشف علي پهرين ئي اوور م مائيڪل لوئس کي ڪيچ آئوٽ ڪري ڇڏيو.
پاڪستان طرفان هيٽرڪ سان گڏ 6 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ اهڙي نموني ويسٽ انڊيز جي سموري ٽيم 154 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
پاڪستان بيٽنگ شروع ڪئي ته وقفي وقفي سان وڪيٽون ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو.
پاڪستاني جي سموري ٽيم رڳو 154 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
پاڪستان طرفان محمد رضوان 49 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته سعود شڪيل به 32 رنسن جي اننگز کيڏي.
ويسٽ انڊيز طرفان جومل ويريڪين 4 وڪيٽون حاصل ڪيون، گدا ڪيش موٽي 3 ۽ ڪيمار وچ 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
ملتان ٽيسٽ ۾ پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي پهرين اننگز پهرين ڏينهن ئي ختم، 20 وڪيٽون ڪرڻ جو رڪارڊ قائم
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
10.9
°
C
10.9
°
10.9
°
26%
0.8m/s
37%
اڱارو
11
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


