- Advertisement -
ملير جي علائقي لانڍي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ باهه لڳڻ سبب فيڪٽري ڊهي پٽ ٿي وئي ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته فائر برگيڊ عملي باهه کي ٽئين درجي جو قرار ڏئي ڇڏيو.
لانڍي پروسيسنگ زون ۾ هڪ فيڪٽري کي باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو جڏهن ته باهه لڳڻ سبب پنج ماڙ فيڪٽري ڊهي پٽ ٿي وئي.
فيڪٽري کي باهه لڳڻ سبب ارسلان، فردين، عبدالرشيد، شهزاد، رضوان، طاهر، محمد الطاف ۽ جلال زخمي ٿي پيا جن کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.
پوليس، رينجرز، فائربرگيڊ عملو ۽ ٻيون امدادي ٽيمون باهه وسائڻ ۾ رڌل آهن.
باهه لڳڻ کانپوءِ دونهي جا ڪڪر ڇائنجي ويا.
فائربرگيڊ عملي باهه کي ٽئين درجي جو قرار ڏئي ڇڏيو.
باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ 16 فائر ٽينڊر ۽ 2 بائوزر باهه وسائڻ ۾ رڌل آهن، جڏهن ته متاثر عمارت ڊهي پئي ۽ وقفي وقفي سان ڌماڪن جا آواز ٻڌا پيا وڃن.
پروسيسنگ زون جي چيئرمين اي ڊي خواجا، ڊپٽي ڪمشنر سليم الله اوڍو، ايس ايس پي ملير عبدالخالق پيرزادي ۽ ٻين باهه واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو.
ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون چيئرمين اي ڊي خواجا سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته باهه لڳڻ جو اطلاع ساڍي ڏهين وڳي مليو، شروعات ۾ سندن اي پي زيڊ فائر ٽينڊر پهتا هئا، باهه جي شدت ڏسندي وڌيڪ فائر ٽينڊر طلب ڪيا ويا.
سندس چوڻ هو ته ڪمشنر ڪراچي ۽ ريسڪيو سربراهه سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ڪوشش ڪري رهيا آهن ته باهه تي جلد ضابطو آندو وڃي.
اي ڊي خواجا چيو ته فيڪٽري تي ضابطو آڻي ٻين فيڪٽرين کي بچايو وڃي، متاثر فيڪٽري ۾ پراڻن ڪپڙن جي ري سائيڪلنگ جو ڪم ٿيندو آهي.
رينجرز جي وڏي نفري ڀرپاسي جي فيڪٽرين ۾ اسٽاف کي ٻاهر ڪڍيو جن ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ عورتون شامل آهن.
پنج ماڙ فيڪٽري ۾ هنگامي بنيادن تي ملازمن جي نڪرڻ جا انتظام نه هئڻ سبب عورتون ۽ ٻيا ملازم ڪنسٽرڪشن لفٽ ۾ لڙڪندي هيٺ لهي آيا.
لڙڪندي لهڻ دوران امڪاني حادثي سبب ڪنهن ملازم کي جاني نقصان پهچي پئي سگهيو.
باهه لڳڻ کانپوءِ جي صورتحال فيڪٽري ۾ ڪنهن امڪاني حادثي جي صورت ۾ ملازمن جي بچاءَ بابت انتظامن بابت ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا.
سيڪريٽري ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون محمد ياسين سانگهرو جو چوڻ آهي ته فيڪٽري جي عملي کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي، ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو، فائر برگيڊ عملو باهه وسائڻ ۾ رڌل آهي.- Advertisement -
