تازه ترين

ملير: خانگي ڪمپني پاران جبري نيڪالي ڏيڻ خلاف پورهيتن جو احتجاجي مظاهرو

ملير جي پورٽ قاسم واري علائقي ۾ قائم خانگي ڪمپني جي انتظاميه مقامي پورهيتن کي جبري طور نيڪالي ڏئي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ملازمن مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي .

جبري طور برطرف ڪيل پورهيتن ملير پريس ڪلب جي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري خانگي ڪمپني “ايڇ آر ايڇ جي” جي انتظاميه نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙ آغا عملدار مهندي، جواد سومري، شعيب ڏيري، ذيشان خاصخيلي چيو ته مقامي ماڻهن کي بنا ڪنهن سبب جبري نيڪالي ڏيئي ڪڍيو ويو آهي.

هنن چيو ته غير مقامي ماڻهن کي رات جي پيٽ ۾ ڀرتي ڪري پڪو ڪيو پيو وڃي . احتجاج ڪندڙ پورهيتن جو چوڻ هوته فوري طور تي بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڪمپني جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,160FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
27 %
2.4kmh
37 %
اڱارو
26 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون