تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچيءَ کي دهشتگردن حوالي ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي: سعيد غني

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچيءَ کي دهشتگردن حوالي ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، ٻن ڏينهن اندر سندن ٻن ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو آهي، ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

سعيد غني، بلديا جي علائقي عابده آباد ۾ پ پ يوسي 31 جي سينئر نائب صدر شوڪت حماد بلوچ جي جنازي نماز ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ٻن ڏينهن ۾ ڪراچي اندر سندن ٻن ڪارڪن کي شهيد ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي.

هن چيو ته ٻه ڏينهن اڳ اورنگي ٽائون ۾ امجد ۽ گذريل رات بلديا ٽائون ۾ شوڪت امجد کي شهيد ڪيو ويو، پرامن سياسي ڪارڪنن تي اهڙي طرح جي حملن سان ڪيترائي سوال اٿن ٿا.

سعيد غني چيو ته جيئن ئي نگران حڪومت آئي آهي ۽ اليڪشن ٿيڻ واري آهي، اهڙي موقعي تي سياسي ڪارڪنن کي شهيد ڪرڻ ۽ انهن ۾ خوف پکيڙڻ مذمت جوڳو عمل آهي.

هن چيو ته نگران حڪومت کان مطالبو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري وائکو ڪيو وڃي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
18 %
2.8kmh
5 %
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون