تازه ترين
اسرائيل جو جنگي جنون ختم نه ٿيو، اسرائيلي ڪابينا بجيٽ 2026ع ۾ فوج لاءِ 35 بلين ڊالر جي وڏي رقم رکي ڪ... اسرائيلي فوج طرفان غزه ۾ بمباري جو سلسلو جاري آهي، والاريل اولهه ڪناري ۾ هڪ فلسطيني کي شهيد فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي فيفا امن ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو ڪراچي جي علائقي گذري ۾ گھريلو تڪرار تان جوابدار ڇرين جا وار ڪري پنهنجي زال ۽ ڌيءَ کي قتل 1971ع جي جنگ ۾ وطن جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ ميجر محمد شبير شريف شهيد جو اڄ 54 هون شهادت جو ڏ... آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ بغير نمبر پليٽ گاڏين ۽ بغير لائسنس گاڏين خلاف ڪاررواين جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو پاڪستان سعودي عرب ۾ افغانستان سان ڳالهين بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو جمهوريت هميشه ڳالهين سان اڳتي وڌندي آهي، ڊيڊلاڪ ان کي ڪمزور ڪندو آهي : راڻا ثناءُ الله نوٽيفڪيشن بابت واويلا ڪندڙن کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي: عطا تارڙ وڏي وزير مراد علي شاهه جون 2027ع تائين گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو افتتاح ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

ملڪي معيشيت بهتري طرف هلي رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي آئي آهي : محمد اورنگزيب

- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي معيشيت بهتري طرف هلي رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي آئي آهي، مهانگائي جي شرح 78 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي، هاڻي معاشي استحڪام جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻو آهي، معيشيت ۾ خانگي شعبي جو اهم ڪردار آهي، حڪومت خانگي شعبي کي پاليسي گائيڊ لائن ڏيندي، هائوسنگ جي شعبي جو معيشيت ۾ نمايان ڪردار آهي، آءِ ايم ايف پروگرام تي عمل ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهن، معاشي سڌارن جو عمل جاري رکندا. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته گهٽ لاڳت جي گهرن جي اڏاوت اهم آهي، گهرن جي تعمير لاءِ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي اهم ڪردار ادا ڪندي، سستي گهرن جي اڏاوت ۾ مائيڪرو فنانس بئنڪن جو اهم ڪردار هوندو. سندس چوڻ هو ته هاڻي حڪومت مقامي سطح تي قرض نه وٺندي، حڪومت خانگي شعبي جي هر سطح تي مدد لاءِ تيار آهي، حڪومت هاڻي ماضي جي غلطين کي نه ورجائيندي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته معيشيت ۾ خانگي شعبي جو اهم ڪردار آهي، حڪومت خانگي شعبي کي پاليسي گائيڊ لائن ڏيندي، هائوسنگ جي شعبي جو معيشيت ۾ نمايان ڪردار آهي. هن چيو ته ملڪي معيشيت بهتري طرف هلي رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي آئي آهي، مهانگائي جي شرح 78 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته هاڻي معاشي استحڪام جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻو آهي، آءِ ايم ايف پروگرام تي عمل ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهن، معاشي سڌارن جو عمل جاري رکندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
9 ° C
9 °
9 °
23 %
2.7kmh
95 %
آچر
17 °
سُومر
16 °
اڱارو
18 °
اربع
18 °
خميس
20 °

تازه ترين خبرون