تازه ترين

ملڪي معيشيت مضبوط ۽ عام ماڻهن جي خوشحالي جو سفر شروع ٿي چڪو آهي:وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته  ملڪي معيشيت مضبوط ۽ عام ماڻهن جي خوشحالي جو سفر شروع ٿي چڪو آهي.

مهانگائي ۾ گهٽتائي تي رد عمل ڏيندي وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان عوام سان ڪيل واعدن ۾ ڪاميابي ملڻ شروع ٿي وئي آهي.

هن چيو ته ڪجهه سالن دوران قوم هڪ ٽولي جي نااهلي سبب ڏکيائين کي منهن ڏنو، مهانگائي جي شرح 6 ڏهائي 9 سيڪڙو ٿيڻ حڪومتي معاشي ٽيم جي ڪوششن جو نتيجو آهي.

شهباز شريف چيو ته مهانگائي جي شرح 6 ڏهائي 9 سيڪڙو ٿيڻ سان عام ماڻهو کي رليف ملندو.

سندس چوڻ هو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ به گهٽتائي سان عوام کي رليف ملي رهيو آهي.

وزيراعظم شهبازشريف چيو ته وياج جي شرح گهٽجڻ سان ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو، مهانگائي جي شرح کي 2025 تائين ست سيڪڙو آڻڻ جو حدف 2024 ۾ ئي حاصل ٿيڻ ساراهه جوڳو آهي، پهرين ڏينهن کان ئي عوامي رليف لاءِ قدمن کي پهرين ترجيح بڻايو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
scattered clouds
21.4 ° C
21.4 °
21.4 °
74 %
4.7kmh
47 %
آچر
25 °
سُومر
23 °
اڱارو
24 °
اربع
22 °
خميس
24 °

تازه ترين خبرون