تازه ترين

ملڪ جو نئون صدر، آصف زرداري يا محمود خان اچڪزئي؟، چونڊ 9 مارچ تي ٿيندي

ملڪ جو نئون صدر، حڪومتي اتحاد جو اميدوار آصف علي زرداري يا سني اتحاد ڪائونسل جو محمود خان اچڪزئي؟، صدارتي چونڊ 9 مارچ تي ٿيندي.

قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 9 مارچ تي طلب ڪري ورتو، جنهن جو قومي اسيمبليءَ جي سيڪريٽري نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري صدارتي اميدوار لاءِ نامزدگي ڪاغذ اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ جمع ڪرايا هئا جيڪي ڇنڊڇاڻ بعد درست قرار ڏنا ويا آهن

چيف اليڪشن ڪمشنر صدارتي چونڊ جو رٽرننگ آفيسر آهي جنهن ڇنڊڇاڻ بعد آصف علي زرداري جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا.

پ پ اڳواڻ فاروق ايڇ نائڪ چيو ته سندس وٽ نمبر پورا آهن، آصف علي زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر صدر چونڊجي ويندو.

سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار محمود اچڪزئي جي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي.

سڀاڻي اميدوارن جي قطعي لسٽ جاري ڪئي ويندي.

صدر جي چونڊ لاءِ سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ هڪ ئي وقت پولنگ ٿيندي، ووٽنگ جو عمل صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين جاري رهندو.

آصف علي زرداري ۽ محمود خان اچڪزئي کانسواءِ صدر جي ڊور ۾ ڪيترائي آزاد اميدوار به شامل آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
moderate rain
12.9 ° C
12.9 °
12.9 °
70 %
4.5kmh
31 %
ڇنڇر
13 °
آچر
16 °
سُومر
18 °
اڱارو
21 °
اربع
22 °

تازه ترين خبرون