ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي ڌار سڃاڻپ ۽ مشن ڏيندڙ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي 75 هين ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي.
عظيم قائد محمد علي جناح ننڍي کنڊجي مسلمانن کي هڪ الڳ سڃاڻپ ۽ مشن ڏنو.
قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جي قائم ٿيڻ کانپوءِ 11 سيپٽمبر 1948ع لاڏاڻي تائين ملڪ جو پهريون گورنر جنرل رهيو.
قائداعظم جي وڇوڙي کي 75 ورهيه وهامي ويا آهن، سندس آخري آرام گاهه ڪراچي ۾ آهي.
قائداعظم جي مزار جي اڱڻ ۾ ئي ميوزم آهي جنهن ۾ ملڪ جي باني جي استعمال جون شيون رکيل آهن.
قائداعظم ميوزيم کي حاجي محمد حنيف طيب 1988ع ۾ تعمير ڪرايو هو جتي قائداعظم محمد علي جناح جي قلم کان وٺي سندس ڪار تائين سڀ ڪجهه محفوظ آهي.
ملڪ قائم ڪرڻ جي هڪ سال بعد 11 سيپٽمبر 1948ع تي باني پاڪستان جو قائداعظم محمد علي جناح لاڏاڻو ڪري ويو.