سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس ۾ جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا جي موت واري سزا خلاف درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جي جوابدارن جي سزا خلاف درخواستن تي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير عرف چريا جون سزا خلاف درخواستون رد ڪندي موت واري سزا جو فيصلو برقرار رکيو آهي جڏهن ته اڳوڻي صوبائي وزير رئوف صديقي، عبدالستار، اقبال اديب خانم ۽ عمر حسن جي بريت خلاف سرڪار جون درخواستون به رد ڪري ڇڏيون.
عدالت عمر قيد جي سزا مليل جوابدار شاهه رخ، فضل، ارشد محمود ۽ علي محمد جون درخواستون منظور ڪندي سندس عمر قيد جي سزا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جوابدارن جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جوابدارن ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر انچارج زبير چريا، رحمان ڀولا، علي محمد، فضل محمد، شاهه رخ ۽ ارشد محمود سزا خلاف درخواستون داخل ڪيون هيون.
ٽن جوابدارن طرفان ايڊووڪيٽ شوڪت حيات ۽ محمد فاروق دليل ڏنا هئا جڏهن ته جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا طرفان عامر منصور ايڊووڪيٽ دليل ڏنا، وڪيل موقف اختيار ڪيو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي ۾ حقيقتن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي.
بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جو فيصلو 8 سالن کانپوءِ 22 سيپٽمبر 2020 تي ٻڌايو ويو هو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر انچارج رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي هئي جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي صوبائي وزير رئوف صديقي، اديب خانم، علي حسن قادري ۽ عبدالستار کي بري ڪري ڇڏيو هو.
عدالت چئن جوابدارن ارشد محمود، فضل، شاهه رخ ۽ علي احمد کي مدد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سزا ٻڌائي هئي.
11 سيپٽمبر 2012ع تي بلديا فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب 259 ماڻهو سڙي فوت ٿيا هئا.


