ملڪ جي مشهور سماجي شخصيت ۽ اَخـُـوَتِ فائونڊيشن جي باني ڊاڪٽر محمد امجد ثاقب کي برين آف دي ييئر ايوارڊ 2025ع سان نوازيو ويو آهي.
کيس برطانيا جي دي برين ٽرسٽ پاران اهڙي اعزاز سان نوازيو ويو آهي.
ڊاڪٽر محمد امجد ثاقب کي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان دي برين ٽرسٽ جي چيئرمين ۽ گرانڊ چيس ماسٽر ريمنڊ ڪيني طرفان برطانوي هائوس آف ڪامن ۾ ڪيو ويو.
برين آف دي ييئر ايوارڊ هر سال دنيا جي اهڙن ماڻهن کي انفرادي طور ڏنو ويندو آهي، جن انسان جي ذهني توڙي علمي اوسر ۾ ڪردار ادا ڪيو هجي.
ڊاڪٽر محمد امجد ثاقب برين آف دي ييئر ايوارڊ ماڻيندڙ انهن مشهور شخصيتن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويو آهي، جن مختلف ڪمن ۾ هڪ مقام حاصل ڪيو هو.
انهن ماڻهن ۾ ناليوارو سائنسدان پروفيسر اسٽيفن هاڪنگ، خلاباز جان گليم ۽ ٻيا شامل آهن.
ڊاڪٽر امجد ثاقب دنيا جي وڏي ۾ وڏي اسلامي مائيڪرو فنانس اداري اخوت فائونڊيشن جو باني آهي، جنهن کي سندس ڪم جي مڃتا طور برين آف دي ييئر ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي.