تازه ترين

ملڪ جي مشهور سماجي شخصيت ۽ اَخـُـوَتِ فائونڊيشن جي باني ڊاڪٽر محمد امجد ثاقب کي برين آف دي ييئر ايوارڊ 2025ع سان نوازيو ويو

- Advertisement -
ملڪ جي مشهور سماجي شخصيت ۽ اَخـُـوَتِ فائونڊيشن جي باني ڊاڪٽر محمد امجد ثاقب کي برين آف دي ييئر ايوارڊ 2025ع سان نوازيو ويو آهي. کيس برطانيا جي دي برين ٽرسٽ پاران اهڙي اعزاز سان نوازيو ويو آهي. ڊاڪٽر محمد امجد ثاقب کي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان دي برين ٽرسٽ جي چيئرمين ۽ گرانڊ چيس ماسٽر ريمنڊ ڪيني طرفان برطانوي هائوس آف ڪامن ۾ ڪيو ويو. برين آف دي ييئر ايوارڊ هر سال دنيا جي اهڙن ماڻهن کي انفرادي طور ڏنو ويندو آهي، جن انسان جي ذهني توڙي علمي اوسر ۾ ڪردار ادا ڪيو هجي. ڊاڪٽر محمد امجد ثاقب برين آف دي ييئر ايوارڊ ماڻيندڙ انهن مشهور شخصيتن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويو آهي، جن مختلف ڪمن ۾ هڪ مقام حاصل ڪيو هو. انهن ماڻهن ۾ ناليوارو سائنسدان پروفيسر اسٽيفن هاڪنگ، خلاباز جان گليم ۽ ٻيا شامل آهن. ڊاڪٽر امجد ثاقب دنيا جي وڏي ۾ وڏي اسلامي مائيڪرو فنانس اداري اخوت فائونڊيشن جو باني آهي، جنهن کي سندس ڪم جي مڃتا طور برين آف دي ييئر ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
11 %
1.7kmh
13 %
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون