- Advertisement -
سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملڪ کي ڪنهن به صورت ۾ نقصان نه ٿيڻ گهرجي، ڪير به پنهنجي غلطيون مڃڻ لاءِ تيار ناهي، ڪجهه ليڊر نفرت جي سياست ڪري رهيا آهن.
ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومت وڃڻ کانپوءِ زهر نه اوڳاڇڻ گهرجي.
هن چيو ته سسٽم ۾ رهي ڪري مسئلن جو حل ۽ فالٽ لائنز کي ختم ڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته سياسي پارٽين کي ادارن سان گڏجي بيهڻ جي ضرورت آهي، ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ميڊيا کي اڳتي اچڻو پوندو.
سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هنن جيل مان نڪرڻ باوجود ملڪ کي نقصان نه پهچايو، ماڻهو غير ذميوار ٿي رهيا آهن.
سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڪنهن وڏي دل سان ڪو ڪردار ادا ڪيو آهي اهو آصف علي زرداري آهي.
هن چيو ته پ پ قيادت ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ صدر آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو.
سندس چوڻ هو ته ملڪ بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي رڳو صدر آصف علي زرداري ئي بحران ختم ڪري سگهي ٿو.
سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صدر آصف علي زرداري بلوچن کان معافي وٺي حق ڏيڻ جي شروعات ڪئي.
هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان مضبوط هوندو ته سڀ ماڻهو مضبوط هوندا.- Advertisement -
