تازه ترين

ملڪ ۾ غير  قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ڏنل الٽيميٽم ۾ 5 ڏينهن رهجي ويا آهن

ملڪ ۾ غير  قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ڏنل الٽيميٽم ۾ 5 ڏينهن رهجي ويا آهن، نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته غير قانوني پرڏيهين جي واپسيءَ واري تاريخ ۾ واڌ نه ٿيندي، کين واپس پنهنجي ڏيهه موڪلڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

جاري ڪيل بيان ۾ سرفراز بگٽي چيو ته غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ڪڍڻ لاءِ جيو فينسنگ ۽ جيو ميپنگ مڪمل ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته ڊاڪومينٽ رجيم جي پاليسي ۾ هو پاسپورٽ ۽ ويزا وٺي ايندڙ کي ڀليڪار ڪندا.

سرفراز بگٽي چيو ته ماڻهون ملڪ ۾ ويزا وٺي ايندا، ڪنهن به ملڪ ۾ ائين ناهي ٿيندو ته روزانو 12 کان 15 هزار ماڻهو بنا سفري دستاويزن جي سفر ڪن.

نگران گهرو وزير چيو ته ون ڊاڪومينٽ رجيم تحت  قلعه عبدالله ۾ پاسپورٽ آ فيس جو افتتاح ڪيو ويندو.

سرفراز بگٽي چيو ته پرڏيهي پاسپورٽ ذريعي ويزا وٺي اچن، کين ڪو به اعتراض ناهي، پاڪ، ايران، افغان بارڊر تي ڪاروبار جو پنهنجو طريقيڪار آهي، هنن بلوچستان ۾ ڪاروبار نه سمگلنگ بند ڪئي آهي.

نگران گهرو وزير چيو ته عام چونڊن لاءِ سڪيورٽي وڏو چئلينج آهي، پر رياست ان چئلينج کي منهن ڏيندي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون