- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ اسلام آباد تي ڪاهه ڪئي وئي، قومي سلامتي معيشت سان سڌيءَ ريت واڳيل آهي، ڌرڻن سبب معيشت کي نقصان پهچايو ويو، ملڪ دشمن عنصر پاڪستان خلاف نفرت پکيڙڻ ۽ ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ واري ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن، کين پاڪستان جو تحفظ ڪرڻو پوندو، ڊفالٽ کان بچڻ لاءِ آءِ ايم ايف ڏانهن وڃڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه هو ، هي سندن آخري آءِ ايم ايف پروگرام آهي.
نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ سڪيورٽي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج هڪ لک پوائنٽن کان وڌي وئي، اهو هن يا ناڻي واري وزير نه پر سموري ٽيم جي محنت آهي.
هن چيو ته اسلام آباد ۾ وڳوڙن سبب اسٽاڪ ايڪسچينج چار هزار پوائنٽ ڪري پئي، قومي سلامتي معيشت سان سڌيءَ ريت واڳيل آهي، اهي گڏ گڏ هلن ٿيون، پاڪستان صحيح رخ ۾ وڌي رهيو آهي، ڌرڻن سبب معيشت کي نقصان پهچايو ويو.
وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ اسلام آباد تي چڙهائي ڪئي وئي، ملڪ دشمن عنصر پاڪستان خلاف نفرت پکيڙڻ ۽ ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ واري ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن، کين پاڪستان جو تحفظ ڪرڻو پوندو.
شهبازشريف چيو ته ملڪ ترقي جي رستي تي هلي پيو آهي، گذريل ڏهاڪي ۾ ملڪ ۾ ڪيترائي شعبا تباهه ٿي رهيا هئا، جون 2023ع ۾ ملڪ ڏيوالي جي ويجهو هو، جنهن بعد هو آءِ ايم ايف سان 37 مهينن تي ٻڌل معاهدو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
وزيراعظم چيو ته ڊفالٽ کان بچڻ لاءِ آءِ ايم ايف ڏانهن وڃڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه هو، ان سان پاڪستان جي عوام لاءِ ڏکيو وقت ايندو پر هي سندن آخري آءِ ايم ايف پروگرام آهي.
شهبازشريف چيو ته بدقسمتيءَ سان دهشتگردي ٻيهر ڪـِـرُ کڻي رهي آهي، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ واقعا ٿي رهيا آهن، پاڪ فوج دهشتگرديءَ جو بهادريءَ سان مقابلو ڪيو.
وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي 130 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو، هو گڏجي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍندا.- Advertisement -
