- Advertisement -
پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا ۽ صاحبزادا حامد رضا پي ٽي آءِ جي سياسي ۽ ڪور ڪميٽيءَ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
سلمان اڪرم راجا پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل طور استعيفيٰ بابت چيئرمين بئريسٽر گوهر کي آگاهه ڪيو.
سندس چوڻ هوته هو ذاتي سببن جي ڪري عهدي تي وڌيڪ ڪم نه ٿو ڪري سگهي.
ان سلسلي ۾ جاري ڪيل بيان ۾ اسد قصير چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين لاءِ کيس نامزد ڪرڻ وارين خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي.
هن چيو ته پارٽيءَ جي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جو فيصلو پي ٽي آءِ بانيءَ جي صلاح مشوري سان ٿيندو.
هوڏانهن سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزادا حامد رضا پي ٽي آءِ جي سياسي ۽ ڪور ڪميٽيءَ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب 24 نومبر جي احتجاج بعد پارٽي تنقيد ۽ اختلافن سبب صاحبزادا حامد رضا استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.
ذريعن موجب صاحبزادا حامد رضا قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تان به استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو، هو پي ٽي آءِ بانيءَ سان ملاقات بعد قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي استعيفيٰ پيش ڪندو.- Advertisement -
