تازه ترين

مهانگائي مسئلو ۽ قرض ڦاهيءَ جو ڦندو بڻجي ويا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف قرضن جي ڄار کي ڦاهي قرار ڏيندي چيو آهي ته مهانگائي مسئلو ۽ قرض ڦاهيءَ جو ڦندو بڻجي ويا آهن،  پاڪستان موسمياتي چئلينج کي منهن ڏئي رهيو آهي، معيشت ۾ بهتريءَ لاءِ سڌارا اڻٽر آهن، هو ملڪ ۾ وڏي پئماني تي سڌارا آڻي رهيا آهن. عالمي اقتصادي فورم جي خاص اجلاس جي پڄاڻيءَ واري سيشن کي خطاب وزيراعظم چيو ته ماحولياتي گدلاڻ ۾ صفا گهٽ حصو هجڻ باوجود پاڪستان  موسمياتي تبديليءَ سبب وڌيڪ متاثر ٿيو، 2022ع واري ٻوڏ سبب پاڪستان کي 30 ارب ڊالر نقصان پهتو. سندس چوڻ هو ته مهانگائي مسئلو ۽ قرض ڦاهيءَ جو ڦندو بڻجي ويا آهن، معيشت ۾ بهتريءَ لاءِ سڌارا اڻٽر آهن، هو ملڪ ۾ وڏي پئماني تي سڌارا آڻي رهيا آهن. هن چيو ته گيس جا ذخيرا تيزيءَ سان ختم ٿي رهيا آهن، يوڪرين جنگ سبب عالمي سطح تي شين جا اگهه وڌيا، عالمي منڊين ۾ مهانگائي سبب ترقي ڪندڙ ملڪ متاثر ٿيا. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب سميت دوست  ملڪن پاڪستان جي مدد ڪئي. شهبازشريف چيو ته غزا ۾ امن کانسواءِ دنيا ۾ امن نٿو ٿي سگهي، فلطسين تي آزاد رياست تسليم ڪيو وڃي. ان کان اڳ وزيراعظم شهبازشريف ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهبازشريف، ملائيشيا جي وزيراعظم جي قيادت جي تعريف ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ تعليم، سائنس ٽيڪنالاجي، لائيو اسٽاڪ ۽ واپار جي شعبن ۾ تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي مستقبل ۾ سهڪار وڌائڻ جو عزم ڪيو. وزيراعظم شهباز ملائيشيا جي وزيراعظم کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي به دعوت ڏني………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
36 %
2.1kmh
77 %
اربع
24 °
خميس
32 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
32 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون