تازه ترين

پاڪستان ۽ ترڪيءَ هٿياربند فوجن وچ ۾ فوجي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

- Advertisement -
پاڪستان ۽ ترڪيءَ هٿياربند فوجن وچ ۾ فوجي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ترڪ بري فوج جي ڪمانڊر ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي اڳواڻن، تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته آرمي چيف هٿياربند فوج وچ ۾ فوجي سهڪار وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو. ترڪ فوج جي ڪمانڊر خطي ۾ امن ۽ استحڪام يقيني بڻائڻ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو آمد تي ترڪ فوجي ڪمانڊر شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري فاتحه پڙهي، جڏهن ته پاڪ فوج جي دستي ترڪ  ڪمانڊر کي گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
40 %
2.5kmh
58 %
آچر
28 °
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون