- Advertisement -
موري ويجهو قومي شاهراهه تي ڦر مزاحمت تي هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو.
درس ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن ڳوٺ گولو پوٺو جي رهواسي سعيد ابڙو کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا.
علائقي واسين پهچي نوجوان کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.
زخمي جو چوڻ آهي ته قومي شاهراهه تي ٽن ڏوهارين هٿيارن جي زور تي روڪي موٽرسائيڪل، موبائيل فون ۽روڪ رقم ڦر ڪري ويا.
سندس چوڻ هو ته مزاحمت تي ڦورن کيس گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.- Advertisement -
