تازه ترين

موسميات کاتي اتر اوڀر عربي سمنڊ ۾ هندڙ سامونڊي طوفان اسنيٰ جي حوالي سان ڇهون الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
عربي سمنڊ ۾ 48 ورهين بعد آگسٽ جي مهيني ۾ سامونڊي طوفان ٺهي ويو، جنهن جي اثر هيٺ ڪراچي، ٺٽي، حيدرآباد، بدين ۽ عمرڪوٽ سميت ٻين ضلعن ۾ وقفي وقفي سان تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي عربي سمنڊ ۾ ٺهندڙ سامونڊي طوفان اسنيٰ بابت ڇهون الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. موسميات کاتي طرفان جاري الرٽ ۾ ٻڌايو چيو ويو آهي ته سامونڊي طوفان عربي سمنڊ ۾ اتر اوڀر ۾ موجود آهي ۽ ڇهن ڪلاڪن دوران اولهه طرف وڌي رهيو آهي. موسميات کاتي موجب، طوفان ڪراچي جي ڏکڻ کان لڳ ڀڳ 200 ڪلو ميٽر ۽ ٺٽي جي ڏکڻ اولهه کان 180 ڪلو ميٽر رهجي ويو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طوفان اولهه ۽ اوڀر اولهه طرفن حرڪت ڪري رهيو آهي، بلوچستان جي سامونڊي پٽي اوڙماڙا کان طوفان 250 ڪلوميٽر، گوادر جي اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر کان طوفان 440 ڪلو ميٽر پري آهي. موسميات کاتي موجب، طوفان جي اثر هيٺ ڪراچي ڊويزن، بدين، ٺٽي، سجاول، حيدرآباد، ٽنڊي محمد خان، مٽياري، ڄامشوري ۾ 60 کان 70 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان تيز هوائن سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي حب، لسٻيلا، آواران، ڪيچ ۽ گوادر ضلعن ۾ پهرين سيپٽمبر تائين برسات جو امڪان آهي، طوفاني برساتن سبب مڪران جي سامونڊي علائقن جي هيٺاهين ۾ پاڻي جمع ٿي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب، سنڌ ۽ بلوچستان جي مهاڻن کي پهرين سيپٽمبر تائين سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
59 %
3.2kmh
90 %
خميس
24 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
27 °
آچر
26 °
سُومر
30 °

تازه ترين خبرون