- Advertisement -
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته عوام کي بجلي جي ڳرن بلن مان ڇوٽڪارو ڏياريو ويندو، گهريلو واهپيدارن کي رليف ڏيڻ کانپوءِ صنعتي واهپيدارن کي رليف لاءِ طريقو ڳوليو پيو وڃي، مسلم ليگ ن ئي عوام کي بجلي جي ڳرن بل مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهي ٿي، بجلي جي بلن مان ڇوٽڪاري ۽ معيشيت جي مضبوطي لاءِ جيڪو ڪرڻو پيو ڪيو ويندو.
مسلم ليگ نون جي صدر نواز شريف جي صدارت هيٺ ماڊل ٽائون لاهور ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ملڪي سياسي، معاشي صورتحال، مخالف ڌر، اتحادي پارٽين سان ڳالهين ۽ بجلي واهپيدارن کي رليف ڏيڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته پنجاب ۾ نئين مڪاني نظام بابت به بريفنگ ڏني وئي.
تحريڪ انصاف سان سڌي ريت ڳالهين لاءَ ن ليگ محمود خان اچڪزئي سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله کي پارٽي قيادت محمود خان اچڪزئي سان ڳالهيون ڪرڻ جي ذميواري ڏني.
ان موقعي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته تحريڪ انصاف جي خراب پاليسين عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو، ن ليگ عوام کي بجلي جي ڳرن بلن مان ڇوٽڪارو ڏياريندي، ن ليگ واحد پارٽي آهي جيڪا ڏکي حالتن ۾ عوام کي رليف ڏيڻ ڄاڻي ٿي.
سندس چوڻ هو ته گهريلو واهپيدارن کي رليف ڏيڻ کانپوءِ صنعتي واهپيدارن کي رليف لاءِ طريقو ڳوليو پيو وڃي، معيشيت کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ترجيح آهي.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته بجلي جي بلن مان ڇوٽڪاري ۽ معيشيت جي مضبوطي لاءِ جيڪو ڪرڻو پيو ڪيو ويندو.- Advertisement -
