- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته موسميات کاتي جي اڳڪٿي کان به وڌيڪ برساتون ٿيون آهن، جبلن ذريعي ايندڙ پاڻي سان برساتي نالن کي نقصان پهچندو آهي، 26 آگسٽ تي ٻوڏ جو خطرو آهي، پنهنجي عوام کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان لاڙڪاڻي ۾ موريا بچاءَ بند جو دورو ڪيو ويو.
ان موقعي تي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري ۽ سيڪريٽري ايريگيشن پاران وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي.
آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري جو چوڻو هو ته سکر بئراج جي ساڄي پاسي کان پاسي کان نڪرندڙ ڪئنالن کي منڊ کان بند ڪيو ويو آهي.
وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته ساڄي پاسي کان 328 شاخن مان رڳو دادو ڪئنال کي گهارو لڳو آهي.
وڏي وزير آبپاشي عملي کي موريو لوپ بند ۽ عاقل آگاڻي بند جي سخت نگراني جي ھدايت ڪئي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته موسميات کاتي جي اڳڪٿي کان به وڌيڪ برساتون ٿيون آهن.
سندس چوڻ هو ته جبلن ذريعي ايندڙ پاڻي سان برساتي نالن کي نقصان پهچندو آهي، 26 آگسٽ تي ٻوڏ جو خطرو آهي، پنهنجي عوام کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته برساتي نالا وهن ٿا ته ٻهراڙي جو شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويندو آهي.
هن چيو ته برساتن سبب ڪچن گهرن کي نقصان پهتو آهي، پيپلز پارٽي جي ويزن موجب 21 لک گهر ٺاهڻا هئا، ڏيڍ لک گهر ٺهي چڪا آهن.- Advertisement -
