تازه ترين

ميانمار ۾ زلزلي سبب فوت ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي هڪ هزار 2 ٿي ويو

- Advertisement -
ميانمار ۾ زلزلي سبب فوت ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي هڪ هزار 2 ٿي ويو، جڏهن ته 2 هزار 376 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن ۽ فوتگين جو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي. جمعي ڏينهن ميانمار ۾ آيل 7 ڏهائي 7 شدت جي زلزلي جي لوڏن سبب تباهه ٿيل عمارتن، گهرن ۽ ٻين مٽيءَ جي ڍيرن هيٺيان دٻجي فوت ٿين جو انگ وڌي هڪ هزار 2 ٿي ويو جڏهن ته زخمين جو 2 هزار 376 تائين پهچي ويو. امدادي ٽيمون مٽيءَ جي ڍيرن هيٺيان ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ رڌل آهن، جڏهن ته زخمين جي اسپتال منتقلي جو عمل به جاري آهي. ميانمار جي شهر منڊالي ۾ سڀ کان وڌيڪ 694 ماڻهو فوت ٿيا ۽ ڪيترين ئي عمارتن ۽ پلن کي به نقصان پهتو. ميانمار جي فوجي حڪومت ڇهن علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي عالمي برادري ۽ تنظيمن کي مدد جي درخواست ڪئي آهي. بنڪاڪ ۾ زير تعمير عمارت ڪرڻ سبب 81 ڄڻا دٻجي ويا، جنهن سبب 9 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. جمعي ڏينهن ٿائيلينڊ ۽ ميانمار ۾ 7 ڏهائي 7 شدت جو زلزلو آيو هو………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
6 ° C
6 °
6 °
18 %
0.9kmh
98 %
ڇنڇر
16 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون