- Advertisement -
گڊو بئراج وٽ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ وهڪرن ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي، گڊو بئراج وٽ 24 ڪلاڪن اندر 396 ڪيوسڪ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي.
پاڻي ۾ لاٿ سبب گڊو بئراج مان نڪرندڙ بيگاري سنڌ فيڊر کي پاڻي فراهمي بدستور بند رکي وئي آهي، جڏهن ته بئراج مان نڪرندڙ گهوٽڪي فيڊر ۾هڪ هزار544 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو.
گڊو بئراج مان ڊزرٽ پٽ فيڊر ۾ به هڪ هزار 891 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي.
گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون 20 هزار 219 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 16 هزار 784 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
