تازه ترين

عوام کي روزگار جي فراهمي سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي : شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عوام کي روزگار جي فراهمي سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، نوجوانن کي ميرٽ جي بنياد تي روزگار ڏنو ويندو، ملڪ ۾ راندين جا ميدان آباد ٿي رهيا آهن، پاڪستان هر عالمي ايونٽ لاءِ هر وقت تيار آهي، سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اسڪواش ڪورٽس موجود آهن. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ حڪومت طرفان 3 ڪروڙ رپين جا چيڪ سنڌ اسڪوائش چيمپئن جي عهديدار عدنان اسد حوالي ڪري ڇڏيا. ان موقعي تي راندين واري سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري ۽ سنڌ اسڪوائش چيمپئن جي عهديدار عدنان اسد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته انڊر 23 اسڪوائش ڪرائڻ سان سڄي دنيا جا رانديگر ڪراچي ايندا، جيڪو نه رڳو راندين جي ترقي ۾ مددگار هوندو پر عالمي سطح تي پاڪستان جي هاڪاري ساک اجاگر ٿيندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 35ملڪن جا رانديگر هن ايونٽ ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ 22 ملڪن جون عورت رانديگر به شامل آهن، چيمپئن شپ 80 ملڪن ۾ سڌي ريت ڏيکاري ويندي، جنهن سان ملڪ خاص طور ڪراچي جو مثالي ماحول نمايان ٿيندو. هن چيو ته سنڌ سرڪار راندين جي سرپرستي جاري رکندي ۽ اسپورٽس ٽورزم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي، سنڌ حڪومت هن ايونٽ لاءِ 30 ملين رپيا رکيا آهن. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آءِ ورڪ فار سنڌ پورٽل جو افتتاح ڪيو هو، جيڪو پاڪستان جو واحد پورٽل آهي، جتي پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جون نوڪريون دستياب آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هن وقت تائين 14 لک ماڻهو هن پورٽل کي استعمال ڪري چڪا آهن، جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ نوڪرين لاءِ 36 هزار 833 درخواستون جمع ڪرايون ويون آهن. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته سنڌ سرڪار جي ڪوشش آهي ته صوبي جي لکين نوجوانن کي راندين جي سهولت فراهم ڪئي وڃي، اسڪوائش جهڙي راند کي هٿي وٺرائڻ سان نه رڳو نوجوانن ۾ آگاهي وڌندي پر عالمي سطح تي ملڪ جا لاڳاپا به بهتر ٿيندا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪو به رانديگر چيمپئن شپ کٽندو ان کي 60 هزار ڊالر انعام ڏنو ويندو، پاڪستان پرامن ملڪ آهي ۽ عالمي رانديگرن کي هتي اچڻ جي دعوت ڏني وڃي ٿي ته هو پاڻ هن خوشگوار ماحول جو تجربو ڪن. ان موقعي تي سنڌ اسڪوائش چيمپئن جي عهديدار عدنان اسد سنڌ حڪومت جي حمايت تي ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان ۾ انڊر 23 ورلڊ اسڪوائش چيمپئن شپ ڪرائڻ هڪ تاريخي موقعو آهي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
62 %
1.1kmh
27 %
سُومر
30 °
اڱارو
35 °
اربع
35 °
خميس
34 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون