تازه ترين

ميانوالي ايئر بيس تي حملو ناڪام، 3دهشتگر مارجي ويا : آءِ ايس پي آر

پاڪستان ايئر فورس ٽريننگ ايئربيس ميانوالي تي دهشتگردن جي حملو ناڪام بڻايو ويو آهي، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز بروقت ڪارروائي ڪندي ٽن دهشتگردن کي ماري وڌو، وڌيڪ ٽن دهشتگردن جو گهيرو ڪيو ويو آهي، جوانن اثاثن جي حفاظت کي يقيني بڻايو، پهريان کان گرائونڊ ٿيل 3 جهازن ۽ هڪ فيول بائوزر کي نقصان پهتو، گڏيل ڪليئرنس ۽ ڪومبنگ آپريشن آخري مرحلي ۾ آهي، پاڪ فوج هر قميت تي ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.

آءِ ايس پي آر موجب، هوائي فوج جي ميانوالي ٽريننگ ايئر بيس تي صبح سوير حملو ڪيو جيڪو سڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگرد حملي تي سڪيورٽي تي مقرر اهلڪارن بروقت ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪري اهم دفاعي اثاثن جي حفاظت کي يقيني بڻايو.

آءِ ايس پي آر موجب، حملي وقت سڪيورٽي اهلڪارن غير معمولي جرعت ۽ بروقت جوابي ڪارروائي جو مظاهرو ڪندي ٽن دهشتگردن کي بيس ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ۽ ماري وڌو جڏهن ته وڌيڪ ٽن دهشتگردن کي محدود ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته حملي دوران پهريان کان گرائونڊ ٿيل 3 جهازن ۽ هڪ فيول بائوزر کي نقصان پهتو.

آءِ ايس پي آر موجب، علائقي کي مڪمل ڪليئر ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪليئرنس ۽ ڪومبنگ آپريشن آخري مرحلي ۾ آهي، پاڪ فوج هر قميت تي ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.5 ° C
13.5 °
13.5 °
37 %
1.5kmh
1 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون