- Advertisement -
ميروخان ۾ بدامني ۽ ٻن دڪانن مان چوري واري واقعي خلاف شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
چوري واري واقعي ۽ بدامني خلاف دوڪاندارن شٽربند ھڙتال ڪري ٽائرن کي باهه ڏئي ڌرڻو هنيو.
احتجاج ڪندڙن شير علي ڪلھوڙو، عبدالغني تنيو، عبدالصمد گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته عيد ويجھو ايندو ئي چوري جون وارداتون شروع ٿي ويون آهن، رات دير سان چور شاھنواز چاچڙ ۽ نورالدين بروھي جي دوڪانن جا تالا ڀڃي سامان ۽ رقم چوري ڪري ويا.
هنن چيو ته پوليس بدامني تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪجهه به نه پئي ڪري، جنهن سبب دڪاندار غيرمحفوظ بڻيل آهن.
دڪاندارن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او کي فوري طور هٽائي امن امان قائم ڪيو وڃي.- Advertisement -
